پورن هولا رام تيجڀانداس

پورن هولا رام تيجڀانداس: صوفي شاعر ۽ درويش هولا رام تيجڀانداس ڀاٽيدر (کتري) 1889ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. هن جو خاندان سنڌ جي مشهور ويدانتي شاعر ساميءَ جو پوئلڳ هو. سندس والد ٽهڪ رام درويش صفت انسان ۽ صوفي هو. هن جيئن ئي هوش سنڀاليو ته والد کيس هندو سنڌي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو، جتان هن فائينل پاس ڪئي. ان کانپوءِ پنهنجي والد سان واپار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. هن جي والد جي دڪان تي صوفياڻي فڪر جي ماڻهن جون سدائين منڊليون متل رهنديون هيون، جنهن جو اثر هن جي طبيعت تي به پيو ۽ انهن ڪچهرين مان گهڻو لاڀ پرايائين. کيس تصوف جي چڱي چوکي ڄاڻ حاصل ٿي. هن سنڌي ٻوليءَ سميت هندي ۽ پارسيءَ ٻولين ۾ به مطالعو ڪيو. ڪتابن جو کيس انتهائي شوق هو. پنهنجي ذاتي لائبريري قائم ڪيائين. وٽانئس ڪيترائي شاگرد ۽ اهل ذوق ماڻهو علمي مسئلا معلوم ڪرڻ ايندا هئا. هن وٽ هر مذهب لاءِ هڪ جيترو احترام هو. هن پنهنجي ڌرمي عقيدي موجب روهڙي جي سنت ماستر ”نيڀراج“ کي گرو تسليم ڪيو. هيءُ صوفي مت جو شاعر، ننڍي هوندي ئي شاعري ڪندو هو. ورهاڱي سبب هن جو خاندان هندستان لڏي ويو، پر هيءُ وري به سنڌ ۾ ئي رهيو. سندس ڪلام تي خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي فهم، فڪر ۽ فن جو گهرو اثر ڇانيل نظر اچي ٿو. هيءُ لڙي ايندڙن کي ساميءَ جي بيتن جي شرح ٻڌائندو هو. هي 1965ع ڌاري پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ گانڌي ڌام نالي ڳوٺ، ڪڇ ۾ ويو، جتي 5 جون 1965ع تي وفات ڪيائين. هن جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
حقيقت ۾ هڪ ٿيو خالق خلقڻهار.
هوت وسي هر جاءِ تي دلين جو ڏاتار.
جيڪي ڏسو جهان ۾ صاحب جو سينگار.
هندو مومن پارسي اکري آ اسرار.
هڪڙو پس مروار ته پورن پهچين پرين کي.
”پورن“


هن صفحي کي شيئر ڪريو